ابو عطا سنڌي

ابو عطا سنڌي: سنڌ سان تعلق رکندڙ عربيءَ جو مشهور شاعر ۽ عالم ھو. جيڪو پنهنجي پيءُ سميت غلام بنجي عراق پهتو، پر پنهنجي اعليٰ صلاحيتن، ذوق ۽ حساس طبيعت سبب کيس آزاد ڪيو ويو. هن جو پورو نالو افلح بن سيار هو، عراق ۾ غلاميءَ وارن ڏينهن دوران سندس قيام ڪوفي ۾ هوندو هو. انھيءَ زماني ۾ بنو اميه جي حڪومت اوج تي ھئي، جڏھن اموين ۽ عباسين وچ ۾ ويڙھ شروع ٿي، ته ھن اموين جي حق ۾ ڪيترائي شعر چيا، ۽ انھن جي طرفان لڙاين ۾ به شريڪ ٿيو، پر جڏھن ان ويڙھ ۾ عباسي ڪامياب ٿي ويا ته ھن حالتن کي ڏسندي ڪيترو وقت گمناميءَ ۾ لڪي گذاريو. 158 ھ /775ع ۾ منصور عباسيءَ جي وفات کان صرف ٿورو عرصو پوءِ ابو عطا جي وفات ٿي، سندس عربي ڪلام جو ديوان 1961ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0158.00.00  هجري

ابو عطا سنڌي: 158 ھ /775ع ۾ منصور عباسيءَ جي وفات کان صرف ٿورو عرصو پوءِ ابو عطا جي وفات ٿي ،


0775.00.00  عيسوي

ابو عطا سنڌي: 158 ھ /775ع ۾ منصور عباسيءَ جي وفات کان صرف ٿورو عرصو پوءِ ابو عطا جي وفات ٿي ،



ديني عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوبڪر قاضي
ابو معشر السندي
آخوند رحمت الله سانوڻي ھالائي
ابو عبدالملڪ محدث سنڌي
ابوالعباس محمد بن محمد بن عبدالله وراق ديبلي
ابوالطيب سنڌي
ابو نصر بن عبدالله سنڌي
آخوند عزيزالله ميمڻ
ابوبڪر شبلي
ابو محمد هالائي مخدوم
ديني عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون